سومرو حاجي فقير محمد

سومرو حاجي فقير محمد

حاجي فقير محمد سومرو

حاجي فقير محمد سومرو: حاجي فقير محمد سومرو ولد مولوي الهه بخش سومرو، پهرين مارچ 1955ع تي هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. سندس تعليم مئٽرڪ آهي. ان ڪري وڏن جي ڪِرت ڊکاڻڪي ڪم ۾ پنھنجو نالو ڪڍيائين. هن عرب عمارات، دبئي، ابوظھبي ۽ سعودي عرب ۾ پڻ ڊکاڻڪي ڪم ۾ پاڻ مڃايو. ڪي. ايم. سي (Karachi Metropolitan Corporation) مان سب اوورسيئر طور 2016ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. حاجي فقير محمد سومري کي ننڍپڻ کان وٺي لکڻ پڙهڻ سان چاهه هو. سندس ڪتاب ’سومرن جو شجرو‘ عنوان سان 2013ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنھن ۾ هن سڄيءَ سنڌ جي سومرن (مٽن مائٽن) بابت تفصيل شامل ڪيا آهن. ان کان علاوه مڪي ۽ مديني شريف جو اردوءَ ۾ سفرنامو ’روح پرور سفر‘ (2018ع)، ’خُفتگان جنت البقيع‘ (2021ع) ۽ ’سنڌ ۾ واڍڪو هنر‘ (2022ع) ڇپيل آهن. هن جو والد مولوي الهه بخش پنھنجي وقت جو مشھور عالم هو، جنھن جو ڪتبخانو حاجي فقير محمد سومرو ۽ مير محمد ’مقبول‘ سومرو سنڀاليندا هئا. سندن ڪتبخاني مان هنڱورجا ۽ آسپاس جا ادب دوست ڪافي لاڀ پرائيندا آهن.


لفظ حاجي فقير محمد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.03.01  عيسوي

حاجي فقير محمد سومرو ولد مولوي الهه بخش سومرو، پهرين مارچ 1955ع تي هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلالاڻي نصير محمد فقير صوفي
جوڻيجو حيدر خان
سيد سردار احمد
الهڏتو رند رئيس
قاضي سيف الدين
ڀٽي مخدوم ابراهيم
تاج محمد شيخ
پير سعيد حسن
ڀڳت گوبنداس
دوست محمد خان مير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون